حڪايت الصالحين

حڪايت الصالحين (ڪتاب): هيءُ ڪتاب اصل فارسيءَ ۾ آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مولوي ولي محمد 1220هه بمطابق 1805ع ۾ ڪيو. اُردو ايڊور ٽائزنگ پريس ڪراچيءَ مان سال 1268هه بمطابق 1851ع ۾ ڇپايو. ساڳيو ئي فارسي جو ڪتاب نئين سر طالب حسين ترجمو ڪيو، جيڪو هن قاضي ابراهيم ۽ جيوا خان، حيدري پريس، بمبئيءَ مان سال 1287هه بمطابق 1870ع ۾ ڇپايو.


لفظ حڪايت الصالحينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو